مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مدي خارج شناختي ڪارڊ تي جاري موبائل سمز بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي سندس صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن پنجاب ۾ ماڊل پوليس اسٽيشنن جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ نادرا آفيسون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.گهرو وزير چيو ته پنجاب ۾ ماڊل پوليس اسٽيشنن جي قيام سان عوام جي سهولت سان گڏ پوليس جو اميج به بهتر ٿيندو.محسن نقوي چيو ته ڊيٿ سرٽيفڪيٽ فيس ختم ڪئي پئي وڃي، پيدائش، موت، نڪاح ۽ طلاق جي سرٽيفڪيٽن لاءِ يونين ڪائونسل آفيسن جي سهڪار سان سادو سسٽم متعارف ڪرايو وڃي.گهرو وزير هدايت ڪئي ته شهرين جي ڊيٽا جي مڪمل سڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام جي سهولت لاءِ موبائل پليٽ فارم تي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اداري جي قدمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو ڀرپور استعمال ڪيو وڃي. وفاقي گهرو وزير مدي خارج شناختي ڪارڊن تي جاري موبائل سمز کي به بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔