واشنگٽن : ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ناڻي جا ذخيرا مضبوط ٿي ويا، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ رپئي جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ناهي،ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ بلوم برگ اختيارين وچ ۾ رائونڊ ٽيبل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ان دوران ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا مضبوط آهن ۽ مٽا سٽا جي شرح مستحڪم آهي، ايندڙ سالن ۾ معاشي ترقي جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌي ويندي آءِ ايم ايف کان نئين قرض لاءِ عملي سطح جو معاهدو جون مهيني جي آخر ۽ جولاءِ جي شروعات ۾ ٿيندو