بالي ووڊ ڪنهن جي پيءُ جي انڊسٽري ناهي: وديا بالن

ممبئي : بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا وديا بالن فلم انڊسٽري ۾ ملندڙ اقربا پروري جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.وديا بالن اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم ”دو اور دو پيار“ جي پروموشنل مهم ۾ مصروف آهي. ان دوران هن صنعت ۾ اقربا پروري بابت کليل نموني ڳالهايو.ان ئي مهم دوران هڪ صحافي اداڪاره کان فلم انڊسٽري ۾ اقربا پروري جي حوالي سان سوال ڪيو ته ڇا هن کي بالي ووڊ انڊسٽري ۾ ڪڏهن اقربا پروري جو منهن ڏسڻو پيو؟ صحافي جي سوال تي وديا بالن جواب ڏنو ته اقربا پروري هجي يا نه پر مان هتي آهيان، هي ڪنهن جي پيءُ جي انڊسٽري ناهي، نه ته هر سپر اسٽڪ ٻار ڪامياب ٿئي ها.هن وڌيڪ چيو ته مون لاءِ اقربا پروري ڪا به اهميت نه رکي ۽ ان تعصب جي باوجود هڪ باصلاحيت فنڪار کي پنهنجو حصو ضرور ملندو، جنهن مان مطمئن آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔