دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين:وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ پوليس جي بروقت ڪارروائي سبب وڏي جاني نقصان کان بچي ويا.وزيراعظم ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي پڻ مذمت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم چيو آهي ته هو دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين چين سان نه ويهندا، امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ واري هر ناپاڪ عمل کي ناڪام بڻائينداسين.واضح رهي ته اڄ ڪراچي جي لانڍي مانسهره ڪالوني ۾ وين ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي ۾ سوار پنج ڄڻا محفوظ رهيا جڏهن ته پوليس فائرنگ ڪري ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔