دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع

نئين دلي: دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت طور مشهور ڀارت جي ايوان زيرين لوڪ سڀا جي 543 سيٽن لاءِ اليڪشن 2024 جي پهرين مرحلي لاءِ ووٽنگ جاري آهي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي ۽ تاريخي چونڊ ۾ 96 ڪروڙ 90 لک ووٽر پنهنجا نمائندا چونڊيندا.سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به ڌر کي گهٽ ۾ گهٽ 272 سيٽون گهربل هونديون. 44 ڏينهن ۾ 7 مرحلا مڪمل ٿيندا جنهن ۾ 55 لک اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون استعمال ٿي رهيون آهن. هڪ ارب 40 ڪروڙ آبادي واري ملڪ ۾ اڄ پهرين مرحلي ۾ 21 رياستن ۽ وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ علائقن جي 102 سيٽن لاءِ پولنگ هلي پئي.سڄي ملڪ ۾ ستن مرحلن ۾ چونڊون ٿينديون، جيڪي پهرين جون تي ختم ٿينديون ۽ ووٽن جي ڳڻپ ۽ نتيجن جو اعلان 4 جون تي ٿيندو. لوڪ سڀا اليڪشن 2024 جي پهرين مرحلي ۾، ووٽنگ جن رياستن ۾ ٿيندي انهن ۾ اروناچل پرديش، آسام، بهار، ڇتيس ڳڙهه، مڌيه پرديش، مهاراشٽر، مني پور، ميگھاليا، ميزورام، ناگالينڊ، راجستان، سِڪم، تامل ناڊو، تريپورا، اتر پرديش، اتراڪنڊ، ۽ اولهه بنگال شامل آهن. جڏهن ته جن يونين علائقن يعني وفاقي انتظام هيٺ هلندڙ علائقن ۾ اڄ چونڊ ٿي رهي آهي انهن ۾انڊمان ۽ نيڪوبار، لڪشاديپ، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پودوچري شا مل آهن. وزير اعظم نريندر مودي جي اڳواڻي ۾ اين ڊي اي اتحاد هن عام چونڊن ۾ مسلسل ٽئين مدي تي نظر رکي رهيو آهي، ’اب ڪي بار 400 پار‘ جي نعري سان چونڊ ۾ حصو وٺي رهيو آهي. جڏهن ته اپوزيشن جي جماعت ڪانگريس جي اتحاد ’انڊيا بلاڪ‘ جو اهم نعرو اقتصادي خوشحالي آهي. هنن اعلان ڪيو آهي ته هو هارين کي حق ڏيندا، مودي سرڪار جو قانون ختم ڪندا، غريب عورتن کي خرچ لاءِ ماهوار روڪ رقم ڏيندا. ڀارت ۾ لوڪ سڀا جو ٻيو مرحلو 26 اپريل، ٽيون مرحلو 7 مئي، چوٿو مرحلو 13 مئي، پنجون مرحلو 20 مئي، ڇهون مرحلو 25 مئي ۽ آخري مرحلو پهرين جون تي شروع ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔