انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر 6 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 6 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 44 پئسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 358 پوائنٽن جي واڌ سان 70 هزار 648 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 70 هزار 290 پوائنٽس تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔