پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس

اسلام آباد: پاڪستان ۾ فيبروري کان پابندي جي شڪار سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس گذريل ڏينهن گهرو وزارت طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ تي بيان جاري ڪيو آهي.ايڪس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو پاڪستاني حڪومت جي خدشن کي سمجهڻ لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.هي مختصر بيان ايڪس گلوبل گورنمينٽ افيئرز طرفان جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستان ۾ ايڪس جي بندش يا ان تائين رسائي ۾ واهپيدارن کي پيش ايندڙ ڏکيائين کانپوءِ سامهون ايندڙ پهريون بيان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔