ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل

لاھور : گذريل سال جي غير حاضري کانپوءِ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ورلڊ اوپن اسڪواش ايرينا ۾ نمائندگي ڪندو. پاڪستان جو جونيئر ورلڊ چيمپيئن حمزه خان ورلڊ اوپن اسڪواش جي مين ڊرا ۾ شامل ٿي ويو آهي.ورلڊ اوپن اسڪواش 9 کان 18 مئي تائين مصر جي شهر قاهره ۾ کيڏيو ويندو، ايونٽ جي مين رائونڊ جو ڊرا فائنل ٿي ويو آهي جنهن ۾ پاڪستان جو حمزه خان به شامل آهي.حمزه خان گذريل سال ورلڊ جونيئر اسڪواش چيمپيئن شپ کٽي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان فتح جي بنياد تي هن ورلڊ اوپن ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.حمزه خان پهرين رائونڊ ۾ 10 مئي تي سوئٽزرلينڊ جي نڪولس مولر سان مقابلو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔