سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت

ممبئي : شوٽنگ واقعي کانپوءِ بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي گهر تي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ممبئي پوليس تصديق ڪئي آهي ته سلمان خان جي سڪيورٽي جو ٻيهر جائزو ورتو ويو آهي.واضح رهي ته فائرنگ جو واقعو 14 اپريل تي ممبئي جي علائقي باندرا ۾ گليڪسي اپارٽمنٽ ٻاهران پيش آيو هو.واقعي کانپوءِ مهاراشٽرا جي وڏي وزير ايڪناٿ شندي گليڪس اپارٽمينٽ ۾ سلمان خان ۽ سندس پيءُ سليم خان سان ملاقات ڪئي.ملاقات کانپوءِ هن سلمان خان ۽ سندس خاندان جي حفاظت جو يقين ڏياريو.پوليس فائرنگ ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جن اعتراف ڪيو ته هو سلمان خان کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا.بعد ۾ ممبئي پوليس سلمان خان جي سڪيورٽي جو جائزو وٺندي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔