اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران

نيويارڪ: ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل ايراني مفادن خلاف وڌيڪ فوجي ڪارروائي ڪئي ته هو فيصلو ڪندڙ ۽ مناسب جواب ڏيڻ کان دریغ نه ڪندو.سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ايراني پرڏيهي وزير حسين عبداللهيان چيو ته ايران هن وقت تائين ڪافي تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي.هن چيو ته خطي جي سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي هو گڏيل قومن کي هڪ موقعو ڏيڻ لاءِ تيار آهن ته جيئن تڪرار کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي.خابرو اداري موجب آمريڪا نيويارڪ ۾ ايراني پرڏيهي وزير جي وفد تي سفري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.ايراني وفد گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر جي ٻن بلاڪن تائين محدود هوندو.ٻئي طرف ايران جي ايٽمي سيڪيورٽي جي ڪمانڊر انچارج احمد حق طالب خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صهيوني حڪومت ايران جي ايٽمي سهولتن کي خطرو يا قدم کنيو ته ايٽمي پروگرام ٻيهر شروع ڪري سگهجي ٿو.هن چيو ته ايندڙ جوابي ڪارروائي ۾ جديد ميزائل استعمال ڪيا ويندا ۽ اسرائيلي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔