دهشتگردن پرڏيهي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي: ڊي آءِ جي ايسٽ

ڪراچي: ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر چيو آهي ته  دهشتگردن پرڏيهي شهرين کي نشنو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، حملي آور دهشتگردن پيادل اچي گاڏي تي حملو ڪيو، حملي آورن وٽ 6 دستي بم، ايس ايم جي ۽ 3 ميگزين هئا، حملي آورن وٽ پيٽرول جون 2 بوتلون به هيون، حملي آورن وٽ سمورو سامان بيگ ۾ هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اظفر مهيسر چيو ته جنهن وين کي نشانو بڻايو ويو، ان جي پويان ڪمپني آفيسر جي گاڏي هئي، آفيسر جي گاڏي جي پويان ڪمپني جي سڪيورٽي گارڊن جي گاڏي هئي. ڌماڪي بابت هن وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردن وين تي فائرنگ ڪئي، سڪيورٽي گارڊز جي جوابي فائرنگ ۾هڪ دهشتگرد مارجي ويو، ٻي دهشتگرد وين ڀرسان اچي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. آپگهاتي بمبار جي منڍي ۽ ڪجهه عضوا  واقعي واري هنڌ تان هٿ آيا، فنگر پرنٽس ذريعي مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پرڏيهي شهرين کي ڌمڪيون مليون هيون، سڪيورٽي خدشن سبب پوليس به الرٽ هئي، سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ لاءِ پلان تيار ڪيو ويو هو. سيڪيورٽي گارڊن حملي آورن تي فائرنگ ڪري حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو: سي ٽي ڊي انچارج سي ٽي ڊي انچارچ راجا عمر خطاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي شهري ٽن گاڏين ۾ سوار هئا، آپگهاتي حملي آور واقعي واري هنڌ موجود هئا، سڪيورٽي گارڊ حملي آورن تي فائرنگ ڪري حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. سي ٽي ڊي موجب گاڏي جي رفتار گهٽ ٿي ته اسپيڊ بريڪر وٽ حملو ڪيو ويو، گاڏي ۾ سوار سمورا پرڏيهي شهري محفوظ رهيا، دهشتگرد موٽرسائيڪل تي سوار ٿي آيا، واقعي واري هنڌ پهچي دهشتگرد موٽرسائيڪل تان لهي ويا، دهشتگردن گاڏي ويجهو پيادل  اچي فائرنگ ڪري ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔