اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو

ڪراچي: اسرائيل ايران تي ميزائيل حملو ڪيو آهي ۽ ايٽمي سائيٽس واري علائقي کي نشانو بڻايو آهي. اي بي سي نيوز خميس ڏينهن دير سان ٻڌايو ته هڪ آمريڪي اهلڪار ان حملي جي تصديق ڪئي آهي. ايراني رياستي ميڊيا ملڪ جي مرڪزي صوبي اصفهان ۾ هڪ ڌماڪي جي خبر ڏني هئي، ايران جي فارس نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته مرڪزي شهر اصفهان جي ايئرپورٽ لڳ ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو. ايران اصفهان، شيراز ۽ تهران جي شهرن مٿان اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن. ياد رهي ته اصفهان صوبي ۾ ڪيتريون ئي ايراني ايٽمي سائيٽون واقع آهن، يورينيم افزودگي پروگرام جو مرڪز به هتي ئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔