ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو

اسلام آباد : گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان گڏيل آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت نظرثاني ڪميٽي جو اجلاس نيڪٽا هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري گهرو، نيڪٽا جي سربراهه، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ گهرو سيڪريٽري به شرڪت ڪئي.ان کانسواءِ پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي آءِ جيز به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا، نيشنل ايڪشن پلان ۽ انٽيليجنس ادارن جي ٽيم ۽ چيف ڪمشنرز پڻ شرڪت ڪئي.اجلاس جي پڌرنامي موجب سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،گهرو وزير محسن نقوي چيو ته گڏيل آپريشن ذريعي ڪچي جي علائقن مان ڌاڙيلن جو مستقل خاتمو ڪيو ويندو، ڪچين علائقن ۾ گڏيل آپريشن لاءِ ڊرون سميت جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي. اجلاس ۾ سڄي پاڪستان جي پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ سڄي پاڪستان جي پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ بابت تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.محسن نقوي چيو ته ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ اسان کي پنهنجن ادارن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻو پوندو، وفاق صوبن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو.اجلاس ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ سمورن آءِ جيز چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ حفاظتي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ان کان علاوه ايراني صدر جي دوري دوران اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ فول پروف سيڪيورٽي انتظامن جو به جائزو ورتو ويو.گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پوليس سميت سمورا سڪيورٽي ادارا چيني شهرين جي تحفظ لاءِ ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻائين. محسن نقوي چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سٺي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ان ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، سمورا ادارا گڏيل حڪمت عملي سان اسمگلرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي کي يقيني بڻائين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔