ڪراچي ۾ جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي

ڪراچي : لانڍي جي مانسهره ڪالوني ۾ پرڏيهي شهرين جي گاڏي ڀرسان خود ڪش ڌماڪو ٿيو آهي ، سيڪورٽي گارڊز جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيا آهن. آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته گاڏي تي آپگهاتي حملو ٿيو آهي، ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن، امدادي ڪارروايون شروع ڪري زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ ميڊيا کي ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهن هڪ ويگن کي نشانو بڻايو جنهن ۾ 5 جاپاني شهري سوار هئا، جيڪي زمزما ڊفينس کان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون وڃي رهيا هئا. پوليس کي هڪ بيگ مليو آهي جنهن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ هينڊ گرنيڊ بم به آهن. ڌماڪي جي نتيجي ۾ سمورا پرڏيهي شهري محفوظ رهيا. آءِ جي سنڌ ڌماڪي کي آپگهاتي حملو قرار ڏيندي چيو ته آپگهاتي حملو جاپاني شهرين جي گاڏي ڀرسان ٿيو، ڌماڪي وقت فائرنگ پڻ ڪئي وئي، سمورا پرڏيهي محفوظ آهن. هن خيال ظاهر ڪيو ته مارجي ويل ٻئي حملا آور ٿي سگهن ٿا، 2 سيڪورٽي گارڊ زخمي آهي جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.،،،نجي ٽي وي جي ذريعن موجب هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن جو نالو سهيل احمد سنفس تعلق پنگوڙ سان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔