ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس

اسلام آباد : پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته اسان ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جون ميڊيا رپورٽون ڏٺيون آهن ۽ صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون.اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ته گذريل ڏينهن فلسطين جي معاملي تي گڏيل قومن ۾ ويٽو ڏيڻ تي پاڪستان کي مايوسي ٿي آهي.هن چيو ته اسرائيل عالمي قانونن تي عمل ڪرڻ بدران انهن جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪشميرين کي پنهنجي مذهبي آزادين موجب جيئڻ جو حق حاصل آهي.ترجمان چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان افسوسناڪ آهي، ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، سفارتڪار غير قانوني بيانن کان پاسو ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت 1948ع ۾ ڪشمير مسئلو گڏيل قومن ۾ کڻي ويو، ڀارت جي گڏيل قومن ۾ پاڪستان ۽ ڪشميرين سان ڪيل واعدن کي ڪير به رد نٿو ڪري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔