پي آءِ اي جهاز حادثو: آرمي چيف پاران قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس

راولپنڊي: آرمي چيف پي آءِ اي جهاز حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، جنرل قمر جاويد باجوه متاثر ٿيندڙ خاندانن سان افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. آرمي چيف هدايت ڪئي ته سول انتظاميا جي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ ڀرپور مدد ڪئي وڃي

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ۽ رينجرز جا دستا امدادي ڪمن لاءِ پهچي ويا، پاڪ فوج جا دستا سول انتظاميا جي مدد ڪري رهيا آهن. آرمي جي ڪوئيڪ ريسپانس فورس موقعي تي پهتي آهي، پاڪ فوج، رينجرز، انتظاميا امدادي ڪمن ۾ مصروف آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔