عيد جي موڪلن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ دڪان ۽ بازارون کلي ويون

اسلام آباد: ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جاري آهي.راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ عيد جي 3 ڏينهن جي موڪلن کان پوءِ شاپنگ مالز، دڪانون ۽ بازارون کلي ويون آهن پر تعليمي ادارا، شادي هال ۽ سئنيما اسمارٽ لاڪ ڊائون سبب مسلسل 65هين ڏينهن به بند آهن.ميڊيڪل اسٽور، ڪريانه اسٽور، کير، ڏهي، ڀاڄي، مرغي جون دڪانون مقرر وقت ۾ کليل رهنديون.جڏهن ته وڏا شاپنگ مالز، بازار، مارڪيٽون صبح 9 کان شام 5 وڳي تائين کولي سگهجن ٿيون. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ به هلڻ شروع ٿي وئي آهي. پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پابندي آهي.ملڪ ۾ ٽرين آپريشن احتياطي تدبيرن سان گڏ فعال آهي. پر جاڙن شهرن جي وچ ۾ هلندڙ ميٽرو بس سروس اڃان تائين بند آهي.موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي لاڳو پابندي تي عمل ڪرائيندي سختي ڪئي پئي وڃي. اهم روڊن تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان الرٽ آهن ۽ گشت جو سلسلو به جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔