پاڪ فوج ۽ رينجرز اهلڪارامدادي سرگرمين ۾ مصروف

ڪراچي: پي آءِ اي جو جهاز ڪرڻ کانپوءِ فورن پاڪ فوج ۽ رينجرز اهلڪار حادثي واري جاءِ تي پهچي ويا، فوج ۽ ريجرزاهلڪار انتظاميا سان امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن.فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان موجب سيڪيورٽي ادارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي ڪوئيڪ ري ايڪشن فورس پاڪستان ريجرز سنڌ موقعي تي پهچي ويا آهن، پاڪ فوج ۽ سنڌ رينجرز امدادي سرگرمين ۾ سول انتظاميا سان سهڪار ڪندا.آءِ ايس پي آر موجب هيلي ڪاپٽرز ذريعي امدادي ڪمن ۽ نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پي آءِ اي جي جهاز سان حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ فوج جي ريسڪيو آپريشن ۾ سول انتظاميا سان هرممڪن سهڪار جي هدايت ڪئي.ٻئي طرف پاڪ بحريا جي ترجمان موجب نيول چيف جهاز حادثي ۾ قيمتي زندگين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.ترجمان موجب جهاز ڪرڻ بعد لڳندڙ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاڪ بحريا جا 4 فائرٽينڊرز حادثي واري جاءِ ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز ڪرڻ کان اڳ ويجهو موجود رهائشي عمارتن جي ڇتين سان وڃي ٽڪرايو جنهن سان ڪيترن ئي گهرن کي به نقصان ٿيو آهي ۽ گهرن کي باهه لڳي وئي جڏهن ته اتي موجود گاڏين کي پڻ باهه وڪوڙي وئي.حادثي کانپوءِ ريجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري حادثي واري جاءِ پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته باهه وسائڻ لاءِ فائربريگيڊ جو عملو به پهچي ويو آهي ۽ شهر کان فائرٽينڊرڊ کي گهرايو ويو آهي.حادثي واري جاءِ تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ جهاز جي ملبي مان هڪ 5 سالن جي ٻار ۽ هڪ ماڻهوءَ جو لاش ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته رش جي ڪري امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي سامهون اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔