ڀارت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن نه ٿو چاهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن نٿو چاهي.بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورس تي ٿيندڙ دهشتگرد حملن تي پنهنجو رد عمل ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت بلوچستان ۾ مختلف قسم جون سازشون ڪري رهيو آهي. ڀارت جو ماضي ۾ به بلوچستان جي دهشتگردي ۾ هٿ رهيو آهي.هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي صدر کي نئين صورتحال بابت هڪ خط لکي رهيو آهيان جنهن ۾ ٻڌائيندس ته ڀارت پاڪستان ۾ فالس فليگ آپريشن جو بهانو ڳولي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت طرفان فالس فليگ آپريشن جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي.ڀارت نٿو چاهي ته پاڪستان ۾ امن رهي. ڀارت افغانستان ۾ امن بابت اڳڀرائي به نٿو چاهي. پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جيڪو ظلم ڪري رهيو آهي ان بابت سڄي دنيا کي خبر آهي. عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلم جو فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔