سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا ڪيسن بابت ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪورونا جا 1017 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جيڪي هينئر تائين جي هڪ ڏينهن دوران سڀني کان وڌيڪ ڪيس آهن.مراد علي شاهه ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ 1017 ڪيس رپورٽ ٿيا جيڪي 29 فيبروري تي رپورٽ ٿيندڙ پهرين ڪيس کان پوءِ هڪ ئي ڏينهن دوران سڀني کان وڏو انگ آهي. هن ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 317 ٿي ويو آهي.هن چيو ته نون ڪيسن ۾ ڪراچي مان ڪورونا جا وڌيڪ 813 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي جنهن ۾ ضلعي شرقي ۾ 230، ڏکڻ ۾ 157 ۽ وسطي ۾ 144، ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته ڪورنگي ۾ 109، ملير ۾ 97 ۽ غربي ۾ 76 نوان ڪيس سامهون آيا. مراد علي شاهه ٻڌايو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 18 هزار 964 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هينئر تائين صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 645 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته ڪورونا وائرس سبب 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪورونا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 316 ٿي ويو آهي.هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 6164 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1017 نوان ڪيس سامهون آيا. وڏي وزير ٻڌايو ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 18 هزار 964 ٿي ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اڄ 904 وڌيڪ مريض صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 645 ٿي ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير هلندڙ صورتحال کي فڪر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي لاء بهتر فيصلا ڪرڻا پوندا. مراد علي شاهه هڪ دفعو ٻيهر عوام کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته عوام کي ڪورونا کان بچائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي تعاون سان اسان ڪورونا سان جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. اسان کي متحد ٿي هن عالمي وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔