سڄي ملڪ ۾ ٻن مهينن کان پوءِ مسافر ٽرينون بحال

اسلام آباد: ملڪ اندر گهٽ ۾ گهٽ 2 مهينن کان پوءِ مسافر ٽرينون ٻيهر شروع ڪيون ويون آهن.رپورٽ موجب حڪومت طرفان گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ پهرين مرحلي ۾ چئني صوبن مان 30 ٽرينون هلائڻ جي منظوري ڏني وئي هئي جن مان 15 اپ ۽ 15 ڊائون ٽرينون هلايون وينديون. ان ٽرينن مان 9 ڪراچي مان پنهنجي منزل طرف روانه ٿي ويون. مسافر ٽرين سروس جي شروعات صبح 6 وڳي راولپنڊي کان ڪراچي جي لاءِ رواني ٿيندڙ پاڪستان ايڪسپريس سان ٿي جڏهن ته ٻئي ٽرين لاهور مان راولپنڊي جي لاءِ رواني ٿي.ڪراچي کان مسافر ٽرينن جو شيڊول:پاڪستان ريلوي موجب ڪراچي مان راولپنڊي جي لاءِ پاڪستان ايڪسپريس ٻنپهرن جو هڪ وڳي، سيالڪوٽ جي لاءِ علامه اقبال ايڪسپريس ٻنپهرن جو 2 وڳي، لاهور جي لاءِ قراقرم ايڪسپريس ٻنپهرن جو 3 وڳي، لاهور جي لاءِ پاڪ بزنس شام 4 وڳي، لالا موسي جي لاءِ ملت ايڪسپريس شام 5 وڳي، لاهور جي لاءِ شاهه حسين ايڪسپريس شام 7 وڳي، اسلام آباد جي لاءِ گرين لائن رات 9 وڳي، جيڪب آباد جي لاءِ سکر ايڪسپريس رات 9 لڳي 40 منٽن ۽ پشاور جي لاءِ خيبرميل رات جو 11 وڳي رواني ٿيندي. ٽرين کاتي جي حڪمت عملي:چيف ڪمرشنل مئنيجر(پسنجر) ملڪ محمد فاروق موجب ٽرينن ۾ گنجائش کان 60 سيڪڙو ماڻهو سفر ڪندا. جڏهن ته 40 سيڪڙو سيٽون خالي رکيون وينديون. ٽرينن ۾ بڪنگ صرف ۽ صرف آن لائين ڪئي پئي وڃي. ريلوي اسٽيشن تان 200 ميٽر تائين جو علائقو غير ضروري ماڻهن لاءِ بند رهندو. مسافر ٽرين جي روانگي کان هڪ ڪلاڪ اڳ اسٽيشن ۾ داخل ٿيندا. پر ان جا وارث اسٽيشن نه ايندا. اسٽيشن جي حدن ۾ صرف ٽڪيٽ رکندڙن کي ئي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. ملڪ محمد فاروق جو چوڻ آهي ته ريلوي اسٽيشنن تي سينيٽائيزر، واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن. ٽرين جي اسٽاپ وارين اسٽيشنن تي ميڊيڪل آفيسر ۽ سماجي وٿي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ عملو مقرر آهي ۽ سفر دوران سمورن مسافرن جو گرمي پد چيڪ ڪيو ويندو. جڏهن ته مسافرن کي ماسڪ پائڻ، سينيٽائزر، دستانا ۽ صابڻ پاڻ سان گڏ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.مسافرن جي لاءِ ضابطه ڪار:پاڪستان ريلوي موجب ٽرينن ۾ مسافر پنهنجو سفر صرف ايس او پيز تي عمل ڪري ئي جاري کي سگهندا. حفاظتي قدمن جي ڀڃڪڙي تي مسافر تي پهريان ڏنڊ لاڳو ٿيندو جيڪڏهن پوءِ به مسافر نه مڙيو ته ريلوي پوليس لاڳاپيل مسافر کي ٽرين مان لاهي ڇڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔