پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽِي اسپيڪر جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي

لاهور:پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو نگيٽو اچي ويو آهي.پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ٻڌايو آهي ته الله جو شڪر آهي ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو اچي ويو آهي ۽ هاڻ سيلف آئسوليٽ جو وقت مڪمل ڪري گهر شفٽ ٿي ويو آهيان. واضح رهي ته گذريل مهيني پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر دبئي کان ملتان آيو هو جنهن کان پوءِ هو 24 ڪلاڪ مقامي هوٽل ۾ آئسوليٽ به ٿيو هو.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دوست محمد مزاري پنهنجو ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو هو جنهن جو نتيجو پازيٽو آيو هو. ان حوالي سان ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري چيو هو ته خانگي ليبارٽري مان ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو ته نگيٽو آيو آهي پر سرڪاري ليب تان ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔