وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي جيئن جو تيئن عملدرآمد يقيني بڻائيندي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال سميت ڪورونا وائرس ۽ ٻين معامن تي غور ڪيو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ جي وڏن ايئرپورٽس آئوٽ سورس ڪرڻ جي معاملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم اعليٰ سطحي ڪميٽي به قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ايئرپورٽس سروسز آئوٽ سورس ڪرڻ متعلق سفارشون تيار ڪندي.
اجلاس ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي جيئن جو تيئن عملدرآمد يقيني بڻائيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست لاءِ ٽيلي ميٽرز نصب ڪرڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم جو چوڻ هو ته ماڪڙ کان نبرڻ لاءِ حڪومت پوري طرح تيار آهي، حڪومت ماڪڙ حملي کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ اپاءُ کڻڻ شروع ڪري ڏنا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔