وفاقي سرڪار بجلي هڪ مهيني لاءِ 5 روپيه في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي سرڪار بجلي هڪ مهيني جي لاءِ 5 روپيه في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ورتي وئي آهي. اضافو فيبروري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهريو ويو آهي.

نيپرا اٿارٽي ايف سي اي جي مد ۾ درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. قيمتن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو

ٻڌڻي دوران نيپرا جي ميمبر چيو ته بجلي جي طلب گهٽ هجڻ سبب صارفين تي بار پئجي رهيوآهي. طلب ۾ اضافي جي لاءِ ڪم ڇو نه ٿي رهيو آهي. مقامي ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار 38 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي ۽ مقامي ڪوئلو استعمال نه ٿيڻ سبب قيمت وڌي. اوهان جڏهن مهانگي ايل اين جي تي پاور پلانٽس هلائيندو ته ان سان بجلي ته ضرور مهانگي ٿيندي.

نيپرا ميمبر رفيق شيخ چيو ته مٽاسٽا جو ڌار نقصان ۽ صارفين جو ڌار نقصان ٿي رهيو آهي. مهانگا پاور پلانٽس هلائي ڪيپسٽي چارجز ۽ فيول چارجز وڌايا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔