بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالن جي منظوري

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا 24 نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سمري سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪندي 24 نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني.وفاقي ڪابينا اي سي ايل بابت ذيلي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ان کان علاوه پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، بابر اعواڻ جو نالو ڊسمبر 2023ع ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس سبب اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔