سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڪورونا جي شڪي مريض جي سرڪاري ليب تان ٽيسٽ پازيٽو ۽ خانگي تان نگيٽو ايندي آهي. رپورٽ موجب چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ ڪورونا پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ چيئرمين اين ڊي ايم اي عدالت جي سامهون پيش ٿيا. اٽارني جنرل چيو ته ڪورونا بابت خرچن تي وضاحت جي لاءِ چيئرمين اين ڊي ايم اي عدالت ۾ موجود آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان جي ڳڻتي خرچن بابت ناهي. اسان جي ڳڻتي سروس جي معيار تي آهي.چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ڪورونا جي شڪي مريض جي سرڪاري ليب تان ٽيسٽ پازيٽو ۽ خانگي تان نگيٽو ايندي آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جي ملازمن سان به ائين ئي ٿيو. اسان جي ملازمن جو ٽيسٽ سرڪاري ليب تان پازيٽو ۽ خانگي تان نگيٽو آيو. لاهور ۾ هڪ شخص روئي رهيو هو ته منهنجي زال ۾ ڪورونا ناهي پر ڊاڪٽر کيس زبردستي داخل ڪيو ويٺا آهن.
چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته قرنطينه سينٽرن ۾ واش رومز به صاف ناهن، پاڻي جي سهوليت به ناهي، قرنطينه سينٽر ۾ 10-10 ماڻهو گڏ ويٺل هوندا. سوشل ميڊيا تي قرنطينه سينٽرن جي خراب حالتن جون وڊيوز هلي رهيون آهن. قرنطينه سينٽرن جا شڪي مريض وڊيو ۾ پرڏيهين کي چئي رهيا آهن ته پاڪستان نه اچو، اسان جو تمام غريب ملڪ آهي. اسان جي معيشت جو شمار افغانستان، يمن ۽ صوماليه سان ڪيو ويندو آهي. اسان پئسن سان کيڏي رهيا آهيون پر ماڻهن جو اسان کي احساس به ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔