ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 مريض فوت ،فوتين جو انگ 339 ٿي ويو

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويا. ملڪ ۾ اڄ هنيئر تائين ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 939 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو انگ 43966 تائين پهچي ويو آهي.هنيئر تائين سڀني کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختونخواهه مان سامهون آيون آهن جتي ڪورونا وگهي 334 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 280 ۽ پنجاب ۾ 273 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 38، اسلام آباد 9، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ موذي وائرس سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔