سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 19 ڄڻا فوت

ڪراچي:سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا، 706 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 17 هزار 947 ٿي ويو، وڏي وزير چيو آهي ته 135 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. سيد مراد علي شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي مان 558، حيدرآباد 20، لاڙڪاڻو 16، شڪارپور ۽ سکر مان 6-6 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته 19 مارچ تي ڪورونا سبب پهرين فوتگي ٿي هئي، اڄ رڪارڊ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 299 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته 135 مريضن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي جن مان 34 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن، الله پاڪ انهن کي جلد صحت عطا فرماءِ. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن وقت 12 هزار 907 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 11 هزار 373 گهرن ۾، 891 آئيسوليشن مرڪزن ۽ 715 مريض اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو آهي ته اڄ 252 مريض صحتياب ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هن وقت تائين صحتياب ٿيلن جو تعداد 4 هزار 741 ٿي ويو. وڏي وزير چيو آهي ته قمبر شهداد ڪوٽ ۾ 12، ڄامشورو ۾ 10، خيرپور ۾ 5، جيڪب آباد ۾ 4، ميرپور خاص ۽ سانگهڙ ۾ 3_3 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دادو، گهوٽڪي، ڪشمور ۾ 2_ 2، جڏهن ته بدين، ٽنڊو الهيار۽ نوشهروفيرزو ۾ وڌيڪ هڪ، هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔