تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پاران سنڌ ۾ گورنر راڄ جو مطالبو

ڪراچي: تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سنڌ ۾ گورنر راڄ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو. وفاق مداخلت ڪري ٿو ته سنڌ جو وڏو وزير روئڻ شروع ڪريو ڇڏي.رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ ۾ ڪو عيب نه آهي، آرٽيڪل 245 تحت پاڪستان جي صدر کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته هو جڏهن محسوس ڪري ته پئسن جو صحيح استعمال نه پيو ٿئي ته هو گورنر راج لاڳو ڪري سگهي ٿو. سنڌ جو وڏو وزير روزاني ميٽنگ ۾ ويهندو آهي. وفاق کان جيڪو گهرجي اهو گهري. هن چيو ته ڊاڪٽرن کي مريضن جون خدمتون ڪري عبادت جو بهترين موقعو مليو آهي. عوام جو ڊاڪٽرن تي حق آهي.هن چيو ته پ پ حڪومت ڪورونا کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، سڀاڻي رٿيل سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، فردوس شميم چيو ته سڀاڻي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو اجلاس ٿيندو ۽ سنڌ سرڪار جي نااهليءَ کي وائکو ڪيو ويندو، جي ڊي اي جي ايم پي اي حسنين مرزا چيو آهي ته حڪومت پنهنجي ايم پي ايز جو به اعتماد وڃائي چڪي آهي.فردوس شميم نقوي وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس جي فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ حڪومت غلط آهي اڄ اهو عام ٿي ويو آهي ته ڪنهن کي گولي به لڳي ۽ هو مري وڃي ته اهو چيو ويندو آهي ته هي ڪورونا وگهي فوت ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت اڃان تائين اهو جواب ناهي ڏنو ته پئسا ڪهڙي طرح سان خرچ ڪيا ويا ۽ نه ئي سنڌ جي معيشت بحال ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔