نيب پاران پرڏيهي وزارت جي آفيسرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. جوابدارن تي جڪارته ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عمارت وڪرو ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.نيب اجلاس ۾ اڪرم دراني، عارف ابراهيم جاب ٽيسٽنگ سروس وغيره جي خلاف 3 خدشن جي به منظوري ڏني وئي آهي. نيب چيئرمين رخسانه بنگش جي پٽ عمر منظور ۽ ٻين جي خلاف به 3 انڪوائرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي آفيسرن خلاف شڪايت جي جانچ پڙتال جي منظوري ڏيندي ايف بي آر آفيسرن جي خلاف جاچ نيب راولپنڊي جي ڏانهن ريفر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔