ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهيو

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ گرم رهيو. موسميات کاتي موجب سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ گرم رهيو. جڏهن ته اتر پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جهڙالو رهيو. ان کان علاوه کنوڻ سان گڏ برسات جو به امڪان آهي.اربع تي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جا امڪان آهن. جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به موسم خشڪ رهندو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهيو. جڏهن ته ڪجهه ضلعن ۾ برسات پئي. ڪاڪول ۾ 11 ملي ميٽر، دير ۾ 05 ملي ميٽر، گوپس ۾ 03 ملي ميٽر، ميرکهائي ۽ مالم جبه ۾ 02 ملي ميٽر، چترال، لوئر دير ۽ سيدو شريف ۾ هڪ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ گرمي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پئي. تربت ۽ سبي ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ، شهيد بينظير آباد ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ دادو ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔