وزيراعظم پاران اربعا کان ريل گاڏيون هلائڻ جي منظوري

راولپنڊي: وزيراعظم عمران خان اربع کان ريل گاڏيون هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اسان جي ڪنهن به صوبي سان ڪا دشمني نه آهي، حڪومت خلاف ڪا به سازش نه پئي ٿئي، جيڪي سازشون ڪري رهيا آهن، اهي هاڻي بليڪ لسٽ آهن، جلد انهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ٿي ويندا، مون کي نيب آرڊيننس ۾ ڪا به تبديلي ٿيندي نظر نه پئي اچي، نه ئي مان ترميم جو حامي آهيان، جن ملڪ کي لٽيو آهي، اهي سمورا جيل اندر هوندا، راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم 20 مئي کان 30 ٽرينون هلائڻ جي اجازت ڏني آهي، پهرين جون کان وڌيڪ ٽرينون هلايون وينديون، ريلوي ۾ سفر ڪرڻ جي حوالي سان عمر جي ڪا به حد مقرر ناهي ڪئي وئي، ريل گاڏيون هلائڻ وقت ايس او پيز جو خاص خيال رکيو ويندو، شهري ڪنهن به مسافر کي ڇڏڻ لاءِ اسٽيشن تي نه اچن، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔