شهباز شريف احتساب کان بچڻ چاهي ٿو: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته سنگين ڪرپشن الزامن تي جواب بدران نين چونڊن جو مطالبو ڪيو ويو آهي، شهباز شريف احتساب کان ڀڄڻ چاهي ٿو، هن دفعي ڀڄڻ نه ڏينداسين، ليگي صدر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو معاملو غور هيٺ آهي.وفاقي ڪابينا اجلاس کاپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ۾ هن جو چوڻ هو ته کنڊ اسڪينڊل جو فيصلو ضرور ٿيندو.ميڊيا بريفنگ ۾ هن جو چوڻ هو ته ڪابينا اجلاس دوران ماضي ۾ ڪيل غيرقانوني ڀرتين تي رپورٽ ڏني وئي، جڏهن ته رپورٽ نه ڏيندڙ وزارتن کي هڪ هفتي جو وقت ڏنو ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن ليڊر وٽ سياست اقتدار جو نالو آهي، شهباز شريف قوم کي وڌيڪ دوڪو نٿو ڏئي سگهي، پاڪستاني عوام 2018ع ۾ به ان کي رد ڪري ڇڏيو هو.هن چيو ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو معاملو غور هيٺ آهي، هن کي هاڻ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ نه ڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔