سنڌ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي نئين ڀرتين جو عمل شروع

ڪراچي:سنڌ ۾ 11 هزار 168 پوليس اهلڪارن جي نئين ڀرتين جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

گريڊ 7 جي آسامي لاءِ 18 کان 28 سالن جي عمر جي مرد ۽ عورت اميدوار 23 اپريل 2024 تائين آن لائن درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا. جنهن جي لاءِ سنڌ پوليس جي اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل اسٽيبلشمنيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي رينج لاءِ 3108 مرد، 583 عورتون جڏهن ته 194 اقليتي پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا پيا وڃن.

حيدرآباد رينج ۾ 498 ليڊيز ۽ 166 اقليتي اهلڪارن سميت 3322 اهلڪارن جي ڀرتي ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ميرپورخاص رينج ۾ 90 عورتن سميت 597 اهلڪار ڀرتي ٿيندا.

سکر رينج ۾ 96 عورتن سميت 638، لاڙڪاڻي رينج ۾ 318 عورتن سميت 2114 پوليس اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پڌرائي موجب آءِ بي اي سکر جي تحت ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن ۽ فزيڪل ٽيسٽ جهڙي ٻئي مرحلي ۾ شامل ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔