پنجاب جي گهرو سيڪريٽري نورالامين خلاف سندس ٻي گهر واري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

لاهور: پنجاب جي گهرو سيڪريٽري نورالامين مينگل جي خلاف سندس ٻئي گهر واري ۽ بيمار ڌيءَ عدالت ۾  خرچ نه ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور جي فيملي جج شازيه ڪوثر متاثر عورت عنبرين سردار ۽ آئزم بيماري جو شڪار 4 ورهين  جي ايليهيا نورالامين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  متاثر ماءُ ڌيءَ ميان دائود ايڊووڪيٽ جي عدالت ۾ پيش ٿيون ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته نورالامين مينگل 2018 ۾ عنبرين سردار سان ٻئي شادي ڪئي.  جنهن مان کيس نومبر 2019 ۾ ڌيءَ اليهيا نورالامين پيدا ٿي. متاثر عورت ٻڌايو ته ڌيءَ جي پيدائش جي ڪجهه مهينن کان پوءِ نورالامين مينگل گاريون ڏئي تشدد ڪري ماءُ، ڌي کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. زال عنبرين سردار ۽ ڌيءَ ايليها جو ماهوار خرچ ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترائي مهينا منٿون ڪرڻ کان پوءِ نورالامين ٿورو گهڻو خرچ اماڻيندو هو.

عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي عورت چيو ته ڪافي منٿون ڪرڻ کان پوءِ مڙس نورالامين پنهنجو نئون بينڪ اڪائونٽ کولرائي  اي ٽي ايم زال کي ڏئي ڇڏيو. بينڪ اڪائونٽ ۾ مڙس نورالامين مينگل ڪيترائي مهينا گذرڻ کان پوءِ 60 هزار خرچ اماڻيندو آهي.

عورت پنهنجي دعويٰ ۾ چيو ته ڌيءَ ايليهيا ڏيڍ ٻن سالن جي عمر ۾ آئرم بيماري جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جو علاج جاري آهي. ڌيءَ جي اسڪول جي فيس ۽ علاج جو ماهوار خرچ ساڍا 3 لک روپين کان ٽپي ويو آهي. مڙس نورالامين ڌيءَ جي پيدائش تي ويم ۽ دوائن جا خرچ به ادا نه ڪيا. حالانڪه  منهنجي مڙس نورالامين جي پهرين زال مان 3 پٽ ايچي سن ڪاليج ۾ پڙهندا آهن ۽ ڌيءَ به پاڪ ترڪ جهڙن مهانگن اسڪولن کان تعليم يافته آهن.

درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته فيملي عدالت ڌيءَ جو خرچ ساڍا 3 لک مقرر ڪرڻ ۽ بقاياجات سان گڏوگڏ 2019 کان زال جو خرچ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي. عدالت گهرو سيڪريٽري نورالامين مينگل کي 26 مارچ تي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔