آئرلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان

ڪابل :افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ آئرلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ليگ اسپنر راشد خان فٽ قرار ڏيڻ کانپوءِ ٽيم ۾ واپس اچي ويو آهي ۽ سيريز ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو.راشد خان 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو آهي جيڪو پوئتي جي تڪليف ۾ مبتلا هو ۽ بحالي مڪمل ڪري رهيو هو. راشد خان فٽنس مسئلن سبب پي ايس ايل ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي نه ڪري سگهيو.ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي شارجه ۾ کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔