ڀاءُ جي معذوري مون کي ذميوارشخص بڻايو: همايون سعيد

ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اسٽار همايون سعيد انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڀاءُ جي معذوري کيس ذميوار شخص بڻائي ڇڏيو.همايون سعيد تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور نظر آيو، جتي هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي معذور ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل مشڪلاتن بابت ڳالهايو.هن چيو ته منهنجي ننڍپڻ کان اها عادت هئي ته مان جيڪو به ڪم ڪندو هوس ان کي پوري دل سان ڪندو هوس ۽ ننڍي هوندي کان ئي هڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ لڳس ان ڪري اتي به ڏاڍي محنت ڪيم.اداڪاره چيو ته مان ٻارن کي ٽيوشن به ڏيندو هوس، محنت ۽ لگن جي ڪري ننڍي عمر ۾ ئي سٺي آمدني ٿي.هن وڌيڪ چيو ته مان هميشه محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پنهنجي خانداني حالتن جي ڪري ڇو ته مان وڏو ڀاءُ آهيان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ بابر هڪ حادثي ۾ معذور ٿي ويو هو، منهنجي ڀاءُ جي معذوري کانپوءِ ذميواريون منهنجي مٿان اچي ويون.همايون سعيد چيو ته ڀاءُ جي معذوري کانپوءِ وڌيڪ ذميوار شخص بڻجي ويو آهيان، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي ڪم ڪرڻ جو عادي ٿي ويو آهيان ۽ هاڻي مون کي هر شيءِ آسان لڳي ٿي.هن چيو ته جيڪي ماڻهو مون کي اڪثر چوندا آهن ته مون ۾ ذلت آهي ان جو سبب به ننڍي عمر ۾ ڪيل محنت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔