ٽيڪس نظام شفافيت،آمدني ۾ ٽيڪس جو 10 سيڪڙو ڪرڻ جو عزم

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ٽيڪس نظام ۾ شفافيت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته قومي آمدني ۾ ٽيڪس جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌايو وڃي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته هو آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ ڊگھي مدي وارو پروگرام وٺڻ چاهي ٿو، پاڪستان پنهنجي ڪوٽا موجب وڏو پروگرام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪڏهن چاهيون ٿا ته ڊگهي مدي وارو پروگرام وٺي. آءِ ايم ايف پروگرام ۾ تسلسل هوندو ته معاشي نظم و ضبط هوندو. محمد اورنگزيب چيو ته معيشت جي بهتري اسان جي حڪومت جو مقصد آءِ ايم ايف کان وڌيڪ آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو معيشت جي بهتري لاءِ واضح ويزن آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف کان موجوده قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي، آءِ ايم ايف کي موجوده قرض پروگرام جي آخري قسط ۾ 1.1 ارب ڊالر ڏيڻا آهن.ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هو آءِ ايم ايف کان قرض جي نئين پروگرام جو شروعاتي خاڪو تيار ڪري رهيا آهن، معاشي استحڪام آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان حڪومت جو گڏيل مقصد آهي.محمد اورنگزيب چيو ته نگران حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ احتياط سان ڪم ڪيو، فواد حسن فواد نجڪاري جو معاملو وڏي دلچسپي ۽ محنت سان حل ڪيو، هو ٽيڪس روينيو ڊجيٽل طريقي سان گڏ ڪرڻ چاهين ٿا.هن چيو ته ٽيڪس نظام ۾ شفافيت حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هو قومي آمدني ۾ ٽيڪس جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض جي پروگرام سان ماحوليات جي فنڊنگ تي به ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ماحول جي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف ڪجهه ملڪن کي ڪوٽا کان وڌيڪ قرض ڏئي رهيو آهي.بعد ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ايف بي آر هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي کيس ٽيڪس وصولين بابت بريفنگ ڏني وئي.محمد اورنگزيب ٽيڪس وصولي جي هدف ۽ مستقبل ۾ ٽيڪس وصولي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ايف بي آر ۾ سڌارن بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايف بي آر عملدارن وفاقي ناڻي واري وزير کي ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل تي بريفنگ ڏني جڏهن ته محمد اورنگزيب ايف بي آر کي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري نظام ۾ مڪمل شفافيت آڻڻ جي به هدايت ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔