مداحن کي پرفارمنس سان خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته تنقيد تي گهڻو ڌيان نه ڏيندو آهيان، گرائونڊ تي پرفارم ڪندو آهيان، ڪنهن کي ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي.ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 9 جي 29 هين ميچ ۾ پشاور زلمي دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڪراچي ڪنگز کي 2 رنسن تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.پوائنٽس ٽيبل تي پشاور زلمي 10 ميچن ۾ 13 پوائنٽس سان سرفهرست آهي.ڪراچي ڪنگز خلاف ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽيم جي چونڊ بهترين رانديگرن جي بنياد تي ڪئي وئي آهي، شروعات ۾ اسان کي ڪمبينيشن ٺاهڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون.بابر اعظم چيو ته صائم هاڻي آل رائونڊر بڻجي چڪو آهي، سندس موجودگي بالنگ ۾ سٺو آپشن ڏئي ٿي. هن چيو ته مان پنهنجي راند کي سڃاڻان ٿو، ڪوشش ڪندو آهيان ته پنهنجي راند کي ڏينهون ڏينهن بهتر ڪريان، جڏهن ماڻهو بابر، بابر جو نعرو لڳائيندا آهن ته هو ان احساس کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي، جڏهن ماڻهو منهنجو نالو وٺن ٿا ته سٺو لڳندو آهي، مان پنهنجي مداحن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. منهنجي پرفارمنس مان مداحن جي هر خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔