چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ حادثو، 12 ڄڻا فوت

بيجنگ : چين ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪوئلي جي ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صوبي شانزي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 2 لاپتا ٿي ويا.چين جي صوبي انهوئي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 2 لاپتا ٿي ويا.رپورٽن مطابق متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔