سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، بجلي جي فراهمي معطل، بلوچستان ۾ ڌار ڌار حادثن دوران 9 ڄڻا فوت

ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. بلوڇستان ۾ ڌار ڌار حادثن دوران 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. سکر، خيرپور ۽ جيڪب آباد سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ برسات سبب شهري بجلي کان محروم ٿي ويا. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ تيز هوائن سان برسات پوڻ سبب ڪيترائي وڻ ڪري پيا. هوڏانهن بلوچستان جي گادي واري شهر سميت مختلف ضلعن ۾ برسات دوران پيش ايندڙ حادثن ۾ فوتين جو انگ 9 تائين پهچي ويو آهي. صوبائي ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب 27 فيبروري کان 12 مارچ تائين ڪوئٽه سميت مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ 250 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا جڏهن ته 1040 کي جزوي نقصان پهتو آهي. برسات ۽ برفباري جي نتيجي ۾ ڪوئٽه، خاران، ڪيچ، بارکهان، چمن، ۽ پشين سميت مختلف ضلعن ۾ ڇتون ڪرڻ سميت ٻين واقعن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.پي ڊي ايم اي موجب تيز برسات دوران مهاڻن جون 80 ٻيڙيون به تباهه ٿيون. ڪوئٽه، چمن، مستونگ، پنجگور ۽ نوشڪي ۾ به ڪڪر وسيا. جڏهن ته نوڪنڊي، مڇ،  دالبدين ۽ ٻيا علائقا طوفان ۾ لٽجي ويا. موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي موجب گوادر سميت ٻين متاثر ضلعن ۾ امداد يسرگرميون جاري آهن متاثرين جي لاءِ لاڳاپيل ضلعن ۾ خوراڪ، خيما ۽ ٻيو امدادي سامان پهچايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔