پنجاب حڪومت 6 جون کان پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: پنجاب حڪومت 6 جون کان صوبي ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سينئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ويزن موجب معياري زندگي هر ماڻهو جو حق آهي، انساني حياتين سان کيڏندڙن سان ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ان لاءِ فضائي آلودگي پکيڙيجندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ڪيو وڃي.

سينئر وزير اجلاس ۾ شاگردن کي ماحولياتي سفير بنائڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ انوائرمينٽ ڪلاميٽ چينج ڪائونسل ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته 6 جون تي پنجاب جي وزيراعليٰ جي حڪم تي پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي لڳائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔