پنجاب حڪومت جو مختصر مدي لاءِ بجيٽ منظوري وٺڻ جو فيصلو

لاهور: پنجاب حڪومت مختصر مدي واري بجيٽ جي منظوري اسيمبليءَ کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ايندڙ هفتي طلب ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ ايندڙ 3 مهينن جي بجيٽ خرچن جي منظوري ڏني ويندي.پنجاب حڪومت گذريل اسيمبلي اجلاس ۾ 31 مارچ تائين هڪ مهيني جي بجيٽ جي منظوري ڏني هئي.ذريعن موجب ناڻي کاتي مختصر مدي جي بجيٽ خرچن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ بجيٽ جي تياري مڪمل ڪرڻ بعد پنجاب اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔