ڪراچي ايئرپورٽ جي پارڪنگ فيس ۾ 8 سالن کانپوءِ واڌ

ڪراچي:جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڪار پارڪنگ فيس ۾ لڳ ڀڳ 8 سالن کانپوءِ 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان موجب هن وقت انتظاميه جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڪار پارڪنگ جو انتظام سنڀالي رهي آهي.2016ع کان پوءِ ڪراچي ايئرپورٽ جي ڪار پارڪنگ فيس ۾ هي پهريون اضافو آهي.سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پارڪنگ فيس ۾ هر سال واڌ نه ڪئي وئي آهي، مهانگائي جي رجحان جي مقابلي ۾ اهو واڌارو نه ٿيڻ جوڳو آهي. ترجمان موجب آخري ڪار پارڪنگ ڪانٽريڪٽ فيبروري 2024ع ۾ ختم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪار پارڪنگ جي ڪانٽريڪٽ جا ٽينڊر موجوده ڪمرشل پاليسي تحت جاري ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔