سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊون اپريل جي پهرين هفتي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي 48 سيٽن تي چونڊون اپريل جي پهرين هفتي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته 3 اپريل تي سنڌ، پنجاب مان 12-12 ۽ اسلام آباد جي 2 سينيٽرز جي چونڊ ٿيندي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان مان 11-11 نوان سينيٽرز چونڊجندا. 52 سينيٽرز 11 مارچ تي مدو پورو ڪري رٽائرڊ ٿي ويندا جن ۾ اڳوڻا فاٽا جا 4 سينيٽرز به شامل هوندا پر 25هين آئيني ترميم جي تحت اڳوڻين فاٽا جي 4 سينيٽ سيٽن تي ٻيهر چونڊ نه ٿيندي.اليڪشن ڪميشن جي ذريعن ٻڌايو ته سينيٽ چونڊن جي شيڊول جي حتمي منظوري چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر ڏيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔