ڊالر 279 رپيا 15 پئسا جو ٿي ويو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گڏيل رجحان

ڪراچي: انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 11 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 11 پئسا سستو ٿيڻ بعد 279 رپيا 15 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 26 پيسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ملا جلا ڪاروبار جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 10 پوائنٽن جي واڌ سان 65 هزار 961 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 65,951 پوائنٽن تي بند ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔