سرڪاري ملازمن جي پينشن لاءِ نئين رضاڪارانه اسڪيم تيار

اسلام آباد: آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي مطالبي کي سامهون رکندي وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پينشن جو وڏو بار ختم ڪرڻ جي لاءِ نئين رضاڪارانه پينشن اسڪيم تيار ڪري ورتي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب نئين پينشن اسڪيم سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن تيار ڪئي آهي جنهن جي تحت نئين سرڪاري ملازمن کي حڪومتي پينشن جي بجاءِ رضاڪارانه پينشن اسڪيم ڏني ويندي. وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي راضپي سان انهن کي نئين اسڪيم ۾ منتقل ڪري سگهي ٿي.ايس اي سي پي سرڪاري ۽ نجي شعبي ٻنهي ۾ نئين اسڪيم لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. نجي شعبو هن وقت ملازمن کي پراويڊنٽ فنڊ يا گريجوئٽي جي سهولت ڏئي رهيو آهي. ايس اي سي پي جي تجويز آهي ته نجي شعبو ملازمن کي صرف رضاڪارانه پينشن اسڪيم ڏيندو انهي اسڪيم جي تحت ملازمن جي تبديلي جي صورت ۾ به ملازمن کي پينشن جي سهوليت جاري رهندي.هن وقت ملڪ ۾ 43 پينشن فنڊ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن فنڊز ۾ 61 ارب روپين جي سرمائيڪاري ڪئي وئي آهي.خيبرپختونخواهه حڪومت سڀني کان پهريان 2 سال اڳ پينشن فنڊز ۾ سرمائيڪاري ڪئي ۽ هن وقت صوبائي حڪومت جي ملازمن کي 21 پينشن فنڊز ڪم ڪري رهيا آهن. پنجاب حڪومت به ملازمن جي لاءِ رضاڪارانه پينشن اسڪيم شروع ڪرڻ واري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔