وفاقي بيورو ڪريسي ۾ مقرريون ۽ بدليون، اسدالرحمان گيلاني وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري مقرر

اسلام آباد:  اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وفاقي بيورو ڪريسي ۾ مقررين ۽ بدلين جو باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ شهباز شريف پهريون حڪم پنهنجي نئين سيڪريٽري جي مقرري جو جاري ڪيو. پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي گريڊ 21 جي آفيسر اسدالرحمان گيلاني وزيراعظم جو سيڪريٽري(پرنسپل سيڪريٽري) مقرر ڪيو ويو آهي. اسدالرحمان گيلاني ايڊيشنل انچارج پاور ڊويزن مقرر هو اهو 24هين ڪامن جو آفيسر آهي.

ان کان اڳ اهو ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج  صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، سيڪريٽري بورڊ آف انويسٽمينٽ جي عهدي تي فائز رهي چڪو آهي، جڏهن ته نادرا جي چيئرمين جو اضافي چارج به انهي وٽ رهيو. اهو وزيراعظم جي آفيس ۾ بطور ايڊيشنل سيڪريٽري ڪم ڪري چڪو آهي.

خرم آغا کي وزيراعظم جي موجوده پرنسپل سيڪريٽري جي عهدي تان هٽائي وفاقي سيڪريٽري ڪامرس مقرر ڪيو ويو آهي، اهو گريڊ 22 جو آفيسر آهي جڏهن ته موجوده سيڪريٽري ڪامرس محمد صالح فاروق کي عهدي تان هٽائي انهي کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ليفٽيننٽ جنرل(ر) محمد چراغ حيدر کي دفاع واري وزارت جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، چراغ حيدر جي مقرري ڪانٽريڪٽ تي 2 سالن لاءِ ڪئي وئي ۽ انهي جي مقرري 5 مارچ 2024 کان شروع ٿيندي.

سيڪريٽريٽ گروپ گريڊ 20 جي آفيسر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري منصوبه بندي واي وزارت خير محمد ڪلور کي بدلي ڪري ان جون خدمتون سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيون ويون آهن.

ٻئي پاسي ڊپٽي چيف اڪائونٽس آفيسر، چيف اڪائونٽس آفيسر، پرڏيهي وزارت جي عمار رحمان کي تبديل ڪري آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ 3 سالن لاءِ بطور فنانس اينڊ اڪائونٽس آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔