بجلي جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌڪرڻ جي درخواست جمع

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ هڪ مهيني لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا 13 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.اها درخواست سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي جمع ڪرائي وئي آهي.نيپرا موجب جنوري جي فيول ايڊجسٽمينٽ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جنوري ۾ 7 ارب 93 ڪروڙ يونٽ بجلي بجلي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي وڪروڪئي وئي.نيپرا اٿارٽي طرفان ان درخواست جي منظوري جي صورت ۾ صارفين تي 66 ارب 77 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پئجي سگهي ٿو.نيپرا ان درخواست تي 23 فيبروري تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪندي.نيپرا جو فيصلو بجلي صارفين تي لاڳو نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔