سعود ۽ خواجا جي شاندار بيٽنگ ڪوئٽا جي لڳاتار ٻئي فتح

لاهور: ڪوئٽا 5 وڪيٽن جي نقصان تي گهربل 188 رنز ٺاهي مسلسل ٻئي فتح حاصل ڪئي ۽ دفاعي چيمپئن لاهور کي لڳاتار ٻئي شڪست ملي. ڪوئٽا جي خواجا نافع 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 31 بالن تي 60 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي چوٿين ميچ ۾ لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي کٽڻ لاءِ 188 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. ڪوئٽا پاران جيسن راءِ ۽ سعود شڪيل اننگ شروع ڪئي، سعود شڪيل هڪ ڇڪي ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 23 بالن تي 40 رنز ٺاهيون ته زمان خان کيس بولڊ ڪيو ۽ 69 تي ڪوئٽا جي پهرين وڪيٽ ڪري. جيسن راءِ اڳئين اوور ۾ سڪندر رضا جي بال تي بولڊ ٿيو، هن 19 بالن تي 4 چوڪن جي مدد سان 24 رنز ٺاهيون. ڪپتان رلي روسو 3 چوڪا هڻي 13 بالن تي 18 رنسون ٺاهي حارث رئوف جي بال تي جهانداد خان هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد سرفراز ۽ خواجا نافع اسڪور اڳتي وڌايو. سرفراز 11 رنسون ٺاهي سلمان فياض جي بال تي شاهين هٿان ڪيچ ٿيو، شرفين ردرفورڊ به 14 رنسون ٺاهي شاهين جي يارڪر تي بولڊ ٿيو، خوجا نافع حارث کي چوڪو هڻي 27 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ هن 3 چڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 53 رنز ٺاهيون ۽ ڪوئٽا جي کٽڻ جي اميد برقار رکي. آخري ٻن اوورز ۾ 11 رنز گهربل هيون. 19هون اوور شاهين ڪرايو وايڊ سميت 7 رنسون ٺهيون، آخري اوور جي پهرين بال تي خواجا نافي چوڪو هڻي پنج بال باقي هئا ته ميچ کٽي وري. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. لاهور قلندرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون. قلندرز طرفان صاحبزاده فرحان 6 چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان 43 بالن تي 62 رنسون ٺاهي حسنين جي بال تي خواجا نافع هٿان ڪيچ ٿيو. جڏهن ته جهانداد خان ٽن چوڪن 4 ڇڪن جي مدد سان 17 بالن تي 45 رنسن جي جارحاڻي ۽ ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي لاهور کي فائٽنگ اسڪور ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي.فخر 6، ويندر دسن 15، عبدالله شفيق 11، سڪندر رضا 18، ڪارلوس 6 ۽ شاهين آفريدي 12 رنز ٺاهيون. عقيل حسين 4 اوورز ۾ 17 رنز ڏئي 2 ۽ حسنين 50 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. ابرار 40، عامر 33 ۽ محمد وسيم 42 رنز ڏئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔